رحيمي رحمت ۽ نقشبندي نسبت

رحيمي رحمت ۽ نقشبندي نسبت (ڪتاب): هي ڪتاب، شاهه عبدالرحيم دهلويءَ جي ’رساله رحيميه‘ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو پروفيسر علي نواز جتوئيءَ ڪيو آهي. ڪتاب جي تمهيد ۾ پروفيسر علي نواز جتوئي، حضرت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم جي نبوت، ولادت وحي، اصحاب ڪرام جي ذڪر ۽ اولياءَ ڪرام جي بيان، سندن تعليمات ۽ سلوڪ جي مختلف طريقن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان کانپوءِ ڄاڻايو آهي ته رحيمي رحمت، شاهه ولي الله محدث دهلويءَ جي والد محترم شاهه عبدالرحيم دهلويءَ جي ارشاد رحيميه ۽ نقشبندي سلوڪ بابت سندس رساله رحيميه جو ترجمو آهي، جنهن جو سلوڪ نقشبندي هو. هن ڪتاب ۾ نقشبندي سلوڪ جو خاص خاڪو پيش ڪيل آهي، جيڪو مجدد الف ثانيءَ کان اڳ عام رائج هو ۽ جنهنکي شاهه نقشبند بخاريءَ مرتب ڪيو ۽ ان کي مجدد الف ثانيءَ رائج ڪيو.
هن ڪرائون سائيز جي 82 صفحن تي مشتمل اهم ڪتاب کي سنڌ سڌار علمي اداري، ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد، ڊسمبر 1983ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قميت 5 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو